اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ب??وچ??تان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ ب??وچ??تان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ ب??وچ??تان جي حڪومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي هد??يت ڪئي، وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هد??يت ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.