اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، صدر ان????يٽ??وٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ ايرو اسپيس سائنس ۽ ان??نيئرنگ جي باري ۾ ستين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسپارڪو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، ان????يٽ??وٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي، ڪانفرنس جو سيڪريٽري ڊاڪٽر نجم عباس نقوي، سائنسدانن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي نمائندن به شرڪت ڪئي.
صدر چيو ته اسپارڪو جي تعاون سان خلا مان ڪيتري ئي معلومات فراهم ٿيندي آهي، مواصلاتي سيارن جي ذريعي ان??انن کي لاتعداد معلومات ۽ ڊيٽا ملي ويندي آهي، معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين 24 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪهڪشائن کي ڏسندي لطف ان??وز ٿيندا هئاسين، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ لکين ماڻهن جي ضرورت آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي اسان جي افرادي قوت جي طلب يورپ ۽ اولهه تائين ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ ماهرن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪندو، هن چيو ته دنيا ۾ جعلي خبرون وڏي پئماني تي هلي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي شفافيت کي فروغ ۽ ڪوڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صدر چيو ته نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ ان??اني هٻڪ محسوس ڪندو آهي، جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت پوندي آهي، هن چيو ته جديد دنيا ۾ ٽيڪنالاجي کي جلد قبول ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت خلائي تحقيق ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ پنهنجو هر مڪن ڪردار اد ڪندي، صدر چيو ته دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي ته ان جو تجزيه ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچي رهي آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ مستقبل جي ضروت کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو تعداد وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي سيٽلائيٽس جي توسيع جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ کي سائبر سيڪيورٽي ماهر به گهربل آهن، ان????يٽ??وٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جهڙن ادارن مان اميدون آهن. ان کان اڳ ان????يٽ??وٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي (آءِ ايس ٽي) جي وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪ??دڙن کي اداري جي ارادن، مقصدن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته اداره خلائي تحقيق جي پروگرام سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر ڪانفرنس جي موقعي تي ان????يٽ??وٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ماهرن طرفان لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.