اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪ??و آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ??لڪ?? جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ??لڪ?? جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاون کي ڌرين جي گڏيل فائدي ??اءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر مشڪل وقت ۾ سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي مالي مدد کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي سعودي ??يادت کي افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي مبارڪباد ڏني، هن او آءِ سي اجلاس ۾ عالمي برادري متحرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته او آءِ سي ??لڪ?? مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو مضبوط پيغام ڏنو. هن چيو ته اسلامي ??لڪ?? کي اسلام فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ??هرجي. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڪيل ڀارتي ظلمن کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چيو ته پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن صدر کي شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو مبارڪباد وارو پيغام به پهچايو. هن افغانستان بابت پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي کي مبارڪباد ڏني.