اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي عالم سڳورن ۽ مسجدن جو معا??ري ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، حڪومت ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ عالم سڳورا موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ لاءِ قومي مهم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز، پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن (پيج) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر فجر رابعه پاشا، عالم سڳورا ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، صدر تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته ڇوڪرين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ عالم سڳورا معا??ري ۾ مثبت انداز ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿا، عالم سڳورا ڪورونا جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چي?? ته 32 سيڪڙو ڇوڪريون پرائمري تعليم کان محروم آهن، حڪومت احساس پروگرام تحت اسڪالرشپس پروگرام شروع ڪيو، عورتن کي بينادي تعليم ڏئي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، اسلام پهريون مزهب آهي جنهن عورتن کي معا??ري ۾ مقام ڏنو، عالم سڳورا ڪڏهن به ڇوڪرين جي تعليم جي مخالف ناهن رهيا، صدر چي?? ته ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معا??ري ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ اهم آهي ، عالم سڳورن جو پيغام معا??ري ۾ وڏي اهيمت رکي ٿو، عورتن کي هنر مند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، صدر چي?? ته عالم ڇوڪرين جي تعليم ۾ ڪڏهن مزاحمت ناهي ڪئي، سر سيد احمد خان ڪيتريون ئي ڪوشش?? کانپوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ تي آماده ڪيو، حڪومت ڇوڪرين جي تعليم کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ عالم سڳورن جو پيغام معا??ري ۾ اهميت رکي ٿو، هن چي?? ته مسجدون تعليم جي مرڪزن جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عالم سڳورا ۽ مشائخ ڪورونا وبا جي دوران معا??ري جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، صدر چي?? ته عورتن جي اسڪل ڊولپمينٽ ضروري آهي، اسلام 14 سئو سال اڳ عورتن کي حق ڏنا ۽ کين معا??ري ۾ نمايان مقام ڏنو. صدر مسجد جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چي?? ته معاشرتي مسئلن جي حل لاءِ مسجد کان عوام کي آگاهي ڏيڻي پوندي، ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته عالم اسڪول?? کان ٻاهر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ فجر کان ظهر تائين مسجدن ۾ تعليم جو اهتمام ڪرڻ جي پهرين ئي تجويز ڏني آهي، تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز چي?? ته ڇوڪرين جي تعليم جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جو هدف دلين جي گهڻو ويجهو آهن، هن چي?? ته ڇوڪرين جي تعليم لاءِ لائحه عمل طئي ڪري رهيا آهن، پاڪستان الائنس فار گلز ايجوڪيشن اسٽار اسڪولز جي ذريعي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيشقدمي شروع ڪئي آهي جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالم سڳورن جو تعاون به شامل آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چي?? ته ان جي ڪوسشن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ باوقار ملڪ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي سرپرستي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن فجر رابعه پاشا تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته پاڪستان جا عالم سڳورا ڇوڪرين جي تعليم جا حامي آهن، ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيل ڪوششون مديني جي رياست طرف اهم قدم آهي، هن چي?? ته سندن ادارو 129 غير رسمي تعليمي ادارا هلائي رهيو آهي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ قومي مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو.