اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي ??لب ڪيو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي رات آپريشن جاري رهيو پر ان باوجود 16 کان 19 ماڻهن جي گاڏين اندر موت ٿي آهي، مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي ??پيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ??وراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل ??ند??نهن کان ويهه سالن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ۽ سڄي رات آپريشن جاري رهڻ باوجود 16 کان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل ه?? هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ ه?? هزار گاڏين کي ??رفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان سڄي رات آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي ??لب ڪيو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ??وراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ برفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينه?? لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.