لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست مخالف ڌر جو مقدر بڻي، نام نهاد اڪثريت باوجود مخالف ڌر بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي، يوسف رضا گيلاني جو ٿورو ادا جُون مهربانيُون آهن جنهن بل جي منظوري ۾ ساٿ ڏنو، ن ليگ ۾ قيادت جي ويڙهه آهي، مولانا فضل الرحمان فارغ آهي، ڪڏهن هو پيپلزپارٽي ۽ ڪڏهن ن ليگ سان گڏ هوندو آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جي آڏو اهي سياسي پارٽيون ڍير ٿي چڪيون آهن، نواز شريف اچي نه رهيو آهي ان ک?? آندو پيو وڃي، شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف جي خلاف عد?? اعتماد آڻڻ جو ارادو رکن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته سينيٽ مان بل جي منظوري کانپوءِ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ٿي چڪيون آهن، بل جي منظوري کانپوءِ پا??ستان جي معيشت ۾ استحڪام ايندو. روپئي جو قدر مستحق ٿيندو، هن چ??و ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي ويندي آهي، جيڪي ادارا پا??ستان سان ڏي وٺ ڪندا آهن انهن کي استحڪام ملي ٿو، هن چ??و ته اڄ هن بل جي منظوري سان مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪا مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ عد?? اعتماد جي رٿ آڻڻ جو خواب ڏسي رهي هئي انهي کي خبر پئجي وئي آهي ته هنن جو خواب هن ايوان ۾ پورو نه ٿيو، جتي انهن کي نام نهاد اڪثريت حاصل آهي. هن چ??و ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڪثريت جي باوجود بل روڪڻ ۾ ناڪام رهي، چوڌري فواد حسين چ??و ته ميڊيا مخالف ڌر کي لفٽ ناهي ڪرائيندي ته انهن وٽ ڪا اسڪيم موجود نه آهي جنهن تي اهي سياست ڪري سگهن، هن چ??و ته اڄ جي شڪست مخالف ڌر جي سياسي ناڪاره پڻي تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ان بري شڪست کانپوءِ مخالف ڌر ڪجهه ڏينهن تائين سڪون ۾ هوندي، هن چ??و ته مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، ن ليگ ۾ ليڊرشپ جي ويڙهه آهي، پيپلزپارٽي ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، مولانا فضل الرحمان فارغ آهي، ڪڏهن هو پيپلزپارٽي ۽ ڪڏهن ن ليگ سان گڏ هوندو آهي، هو حلوو ۽ پنهنجو چورن وڪرو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، هن چ??و ته مخالف ڌر جي ناڪاره حڪمت عملي جي نتيجي ۾ هڪ ٻي شڪست انهن جو مقدر بڻي، پا??ستان تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي برتري سيينيٽ ۾ ثابت ڪري ڇڏي آهي. هن چ??و ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جي اڳيان اهي سياسي پارٽيون ڍير ٿي چڪيون آهن، هن بل جي منظوري تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ان بل جي منظوري کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آزاد ادارو ٿيندو، ان جو هڪ طاقتور بورڊ هوندو، جيڪو پا??ستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو لاهور اچڻ جو بنيادي مقصد ٻن وڏن منصوبن سي بي ڊي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبن جو دورو ڪرڻ هو، هن چ??و ته سي بي ڊي پراجيڪٽ لاهور جي وچ ۾ آهي، جيڪو والٽن روڊ کان شروع ٿي والٽن ايئرپورٽ تائين آهي، ان منصوبي ۾ هن وقت تائين 24 ارب روپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي، سي بي ڊي منصوبي ۾ بلند عمارتون تعمير ٿينديون، لاهور جو پورو منظرنامو تبديل ٿي ويندو، هن چ??و ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي منصوبي تي هاءِ ڪورٽ خدشن جو اظهار ڪيو آهي، حڪومت کي حق حاصل آهي ته هو نوان شهر آباد ڪري سگهي، اها ايڪوزيشن ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي لاءِ نه پر نوان شهر ٺاهڻ لاءِ آهي، هن چ??و ته پاليسي سازي ايگزيڪيوٽز ۽ پارليامينٽ جو اختيار آهي، پارليامينٽ جو اختيار پارليامينٽ وٽ ۽ ايگزيڪيٽو جو اختيار ايگزيڪيٽو وٽ هجڻ گهرجي، پنجاب حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، هن چ??و ته لاهور ۽ شيخو پوره جي وچ ۾ هڪ لک 2 ايڪڙن تي اهو عظيم شهر ٺهي رهيو آهي ان منصوبي سان وچ پنجاب کي فائدو ٿيندو، اربين ڊالر جي ٻاهرين سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، هن چ??و ته اسان چاهيون ٿا ته اهو منصوبو وقت سر مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته نئين پا??ستان جو خواب شخصيتن تي ٻڌل نه آهي پر انهن خوابن تي آهي جيڪي پا??ستان جي ماڻهن ڏٺا آهن، پا??ستان جي ماڻهن عمران خان کي انهن خوابن جي تعمير لاءِ چون??يو آهي، اهي خواب ۽ لائحه عمل شخصيتن کان وڌيڪ آهي، هن چ??و ته عمران خان جي قيادت ۾ نئين پا??ستان جو خواب ضرور پورو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙي حڪومت ۽ وزيراعظم آهي جنهن تي ڪو به ڪرپشن جو الزام نه آهي، اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته يوسف رضا گيلاني جو ٿورو ادا ڪريان ٿو هن بل جي منظوري ۾ ساٿ ڏنو. هن چ??و ته مخالف ڌر جي ڪا خبر نه آهي اها هڪ ڏينهن ڪجهه چوندي آهي ته ٻي ڏينهن ڪجهه، ان ڳالهه جي فڪر آهي ته پا?? ۾ وڙهي ڪري هڪٻئي جا ڪپڙا نه ڦاڙين، هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته نواز شريف واپس نه اچي رهيو آهي پر ان ک?? آندو پيو وڃي، لنڊن ۾ ڪو به ريسٽورنٽ اهڙو نه آهي جتي هو نه ويو هجي، نواز شريف جون ٻئي اپيلو رد ٿي ويون آهن، هاڻي ان کي لڳي رهيو آهي ته هتان جون عدالتون ڊگهو عرصو ان کي سهارو نه ڏينديون، ان لاءِ اهڙي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو پا?? اچي رهيو آهي، پر سچ اهو آهي ته هو پا?? نه اچي رهيو آهي پر کيس آندو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چ??و ته مسلم ليگ ق اسان جي اتحادي پارٽي آهي ق ليگ جي دوستن جي خيالن جو احترام ڪريون ٿا، هڪ ٻي سوال تي هن چ??و ته شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه دوست نواز شريف جي خلاف عد?? اعتماد آڻڻ جو ارادو رکن ٿا.