اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته بهترين سفارتڪار اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سياستدان هجڻ جي ??اطي توهان جو تجربو متاثر ڪندڙ ۽ ايشيا ??يسفڪ ريجن سان تعلق رکندڙ تجربيڪار عورت اميدوار جي طور تي توهان آئي ايل او جي ??يادت لاءِ ??ضبوط اميدوار آهيو، شاهه محمود قريشي چيو ته جنيوا ۾ گذريل مهيني ٿيل عوامي ٻڌڻي ۾ توهان جو موقف ۽ ترجيحن جو اظهار واکاڻ جوڳو آهي، ڪورونا وائرس جي عالم گير وبا دنيا جي ??عيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، جڏهن ته ملازم، مالڪ ۽ پورهيت ان وبائي مرض سان هڪجهڙا متاثر ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته مناسب ترقياتي فنانسنگ ۽ ويڪسين ايڪويٽي، معاشي بحالي جي ??اءِ ??ددگار ثابت ٿيندي، پاڪستان آءِ ايل او گورننگ باڊي جي ??يمبر طور تي ان اهم عالمي ترجيحن لاءِ ??نهنجي حمايت جاري رکندو. اسان اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايل او سان ترقياتي فنانسنگ، قرض کان ڇوٽڪارو، ويڪسين ايڪويٽي ۽ منصفاڻي عالمي مالياتي ڍانچي جي ??يام، سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ??نهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد رکون ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي لاءِ جمهوريه ڪوريا جي اميدوار ڪانگ ڪيونگ وا تع??يف?? جملن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.