اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي تعاون اطمينان جوڳو آه??. گذريل سال پاڪستاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن جي نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ آه??، شاهه محمود قريشي چيو ته نائجيرين فوجين کي پاڪس??ان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي تربيت جي فراهمي اسان جي دفاعي لاڳاپن جي استحڪام جي مظهر آه??، پرڏيهي وزير پاڪس??ان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سرويلنس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن جي ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سياسي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي لاءِ ويزا جي خاتمي جي حوالي سان التوا ۾ پيل مفاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آه??ون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي پاڪس??ان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ جا منتظر آه??ون.