اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري ??نيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ??رانو جاري ڪرڻ واري ??قريب کي خطاب ڪري ??هيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزباني ڪري ??هيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??وق??ي تي منعقد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انساني بحران جاري ??هي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ??و ??وق??و ملندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.