اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ نائجيريا گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاع ۽ ده??تگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ نائجيرين هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي اونينيوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وچ ?? ملاقات دوران ??ي. نائجيريا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ??ائجيريا سان ??نهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ نائجيريا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ نائجيريا جي هٿياربند فوج جي نمائندن جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته جنگجو پاڙيسري ملڪ مسلمانن جي نسل ڪشي ?? ملوث آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان کي ده??تگردي کي منهن ڏيڻ جو زبردست تجربو آهي ۽ هن ملڪ ۾ ده??تگرد عنصرن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي اونينياچيا ايرابور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر کا نائجيريا جي صدر پاران ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان ??وازي ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.