پشاور – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چئن سالن ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ 24 هزار ارب رپين جو قرض ورتو ويو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، چئن سالن تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ شخص عوام سان صرف ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، گذريل حڪومت قرض وٺي ملڪ جي معيشت ت??اهه ڪئي، ڪيستائين ڪستو کڻي ڦرنداسين، خيرات جي ذري??ي زندگي نه موت ملندي آهي، ??مورن صوبن جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکون ٿا، حقيقي پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي موقعا ڏينداسين، خيبرپختونخواهه سميت پوري پاڪستان جي عوام لاءِ صحت جي مفت سهولت هوندي، گذريل حڪومت قرض وٺي ملڪ جي معيشت ت??اهه ڪئي، ??يڪو شخص چار سال وزيراعظم جي عهدي تي هو، ان عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌاڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، ??سان جي حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن قيمت ۾ پنجاب ۾ اٽو ملندو اها ئي قيمت خيبرپختونخواهه ۾ رکي ويندي، ??وام جي خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ان کان اڳ شانگلا جي عوام وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف بشام ۾ ميديڪل ڪاليج قائم ڪرڻ سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 2 ارب رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. ميڙ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽي هفتا اڳ هن خادم پاڪستان جو عهدو سنڀاليو، ان دوران پوري ملڪ دورو ڪيو، خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان اڳ شانگلا جي دوري جو فيصلو ڪيو، خيبرپختونخواهه پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، هي اهو صوبو آهي جنهن جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي، ??وبي جي عوام بهادر ۽ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. خيرپختونخواهه ۾ نواز شريف جا شينهن رهن ٿا، شانگلا جي غيور عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عوام جي لاءِ ڪوڙا واعدا نه ڪندس سڀ کان اڳ پاڪستاني آهيان ان کا??پو??ِ ڪجهه ٻيو آهيان، عاوم جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندس، مسلم ليگ (ن) جي 10 سالا حڪومت دوران پنجاب ۾ يتيم ۽ بيواهن جو مفت علاج ٿيندو هو، اڄ چار سال کا??پو??ِ ٻيهر پنجاب ۾ مفت علاج جو سلسلو شروع ??يو ويو آهي، ??يستائين جان ۾ جان آهي قوم جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندس. شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي صحت جي سهولتن کان محروم رکيو، اڳوڻي حڪومت اسپتال ٺاهڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو، خيبرپختونخواهه ۾ عوامي فلاحي منصوبن کي ڄاڻي واڻي دير جو شڪار ڪرايو ويو، پنجاب ۾ بند منصوبن کي چالو ڪيو، مهانگائي چار سال ۾ عروج تي هلي وئي ۽ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا ويا، چار سالن ۾ 24 هزار ارب رپيا قرض ورتو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، ??سان 11، 11 مهينن ۾ ميٽرو بسون هلايون، واعدو آهي ته صوبي جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جان لڳائي ڇڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي پوري پاڪستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ??ٽو ۽ کنڊ غريب خاندان جي پهچ کان ٻاهر نڪري وئي، ??سان جي حڪومت رمضان ۾ کنڊ ۽ اٽو سستو ڪيو. هن چيو ته اڪيلي پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي نه آهي سمورن صوبن جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکون ٿا، حقيقي پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن کي هڪ جهڙا موقعا ڏينداسين، خيبرپختونخواهه سميت پوري پاڪستان جي عوام لاءِ صحت جي مفت سهولت هوندي، ??يبرپختونخواهه جو وڏو وزير سمورين اسپتالن ۾ دوائون ۽ علاج مفت يقيني بڻائي، ??يڪڏهن وڏي وزير اٽو سستو نه ??يو ته ان جي لاءِ اربين رپين جي رقم ڏئي صوبي جي عوام جي لاءِ اٽو سستو ڪندس، اٽي جي جيڪا قيمت پنجاب ۾ هوندي اها ئي قيمت خيبرپختونخواهه ۾ رکي ويندي، ??ادم پاڪستان عوام جي ترقي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪندو، اسان جي حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ??ستو اٽو، کنڊ، گيهه ۽ داليون مهيا ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته چار سال کان جيڪو شخص وزيراعظم جي عهدي تي هو ان عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، گذريل حڪومت قرض وٺي ملڪ جي معيشت ت??اهه ڪئي، ڪيستائين ڪستو کڻي ڦرنداسين، خيرات جي ذري??ي زندگي نه موت ملندي آهي، ??لله تعاليٰ چوي ٿو ته محنت ڪريو ۽ پنهنجي پيرن تي بيهو. هڪ ڏينهن ضرور ايندو ته سبز هلالي جهنڊو دنيا جي سمورن جهنڊن کان مٿي هوندو، رت ۽ پگهر وهائڻ سان ئي اسان جو فقيرن وارو روپ ختم ٿيندو، ڪاميابي جي لاءِ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن يقين ڏياريو ته ڪڻڪ جي حوالي سان مون کان ڪا گلا نه ايندي، ملڪ ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، ??ڏهن ته ان جي لاءِ ضروري آهي ته صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي ورڇ منصفاڻي ڪري. هن 132 ڪي وي پورن گرڊ اسٽيشن ٽن مهينن جي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بشام ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 2 ارب رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. آخر ۾ هن عوام کان واعدو ورتو ته محنت ڪندا، پاڪستان کي عظيم بنائيندا، ملڪ جو خيرات وٺڻ وارو رويو ختم ڪندا جنهن تي پنڊال ۾ شريڪ عوام هڪ زبان ٿي چيو ”انشاءَ الله“.