اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان کي آئين شڪني جي مٿان غنڊا گردي قرار ڏيندي ??يو آهي ته آئين جي گهرجن جي ڳالهه عمران صاحب جي سياسي منافقت آهي، اهي ڪئين دوکا ڏئي رهيا ??هن؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران نيازي قومي اسيمبلي ۾ آئين شڪني ۽ غنڊا گردي ??ري جيڪو شرمناڪ تماشو ڪيو، انهي کي پنجاب ۾ ورجايو ويو، هن چيو ته عمران نيازي ۽ سندس ڪٺ پتلين جي رويي جي ڪري عدالتن جا دروازا آڌي رات جو کوليا ويا، رات جي انڌ??ري ۾ چورن وانگر هنن آئين ۽ پارليامينٽ تي راتاهو هنيو ته رات جو عدالت لڳي. هن چيو ته عمران نيازي ڏينهن جي روشني ۾ آئين کي پائمال ڪندو آهي ۽ غنڊا گردي ??ندو آهي. وفاقي وزير چيو ته توهين عدالت جا مجرم عدالت کان نوٽيس وٺڻ جون اپيلون ڪهڙي منهن سان ڪري رهيا ??هن؟ پهرين بوگس چونڊن سان ڏوه??ري ڪٺ پتلي عمران نيازي پاڪستان تي مڙهيو ويو، پوءِ آئين شڪني ڪري ٻٽو آئيني جرم ڪيو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي عوام جي دولت ڦري، باوقار آئيني عهدي ??ي فرح گو??ي جي ذريعي مال بڻائڻ جو ذريعو بڻايو. عمران نيازي پنهنجي شيطاني ڪ??ري ڪردار کي ڏسي جنهن جي تاريخ سدائين مذمت ڪندي رهندي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي حڪم تي آئيني عهدن جي توهين ڪئي وئي، صدر، گورنر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سڀني آئين پائمال ڪيو.