اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نج?? انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صا??ف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ڪ??دڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ت?? ڪمپن?? باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو هجڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپن?? باهه سبب ٿي??دڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? شارٽ سرڪٽ سبب لڳ??دڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صا??ف کي جائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز ک?? باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪ??دڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪ??دڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر کي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نج?? انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صا??ف ک?? باهه لڳڻ جي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.