اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي اسڪيل ريگيولرائيزيشن جو مسئلو تمام پراڻو آهي، اهو رڳو اي پي پي جو مسئلو نه آهي پر سمورين ڪارپوريشنز جو آهي، ان تي حڪومت پاليسي تحت فيصلو ڪندي. وفاقي وزيرن سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي ??ريفنگ ڏيندي اي پي پي ملاز??ن جي احتجاج جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اي پي پي ملاز??ن جي پي اسڪيل ريگيولرائيزيشن جو مسئلو تمام پراڻو آهي، اهو رڳو اي پي پي جو مسئلو نه آهي پر سمورين ڪارپوريشنز جو آهي، ان تي حڪومت پاليسي تحت فيصلو ڪندي. هن چيو ته اي پي پي ملاز??ن جي ڊسپيريٽي الائونسز جي مسئلي تي اطلاعات واري سيڪريٽري هن وقت ناڻي واري سيڪريٽري وٽ موجود آهي، جيئن ئي نوٽيفڪيشن ٿيندو اطلاعات واري سيڪريٽري احتجاجي ملازمن وٽ ويندي ۽ اعلان ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي پي ملاز??ن جي ڊي پي سي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، ان تي فوري عملدرآمد ڪرايو ويندو. هن چيو ته اي پي پي ۾ پلاٽس جي ڪوٽا سسٽم تي پاليسي موجب فيصلو ٿيندو.