اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 کان 13 نومبر جمهوريه آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ لاڳاپ??ل عملدار وزيراعظم سان گڏ هوندا. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شري?? ڪوپ 29 جي موق??ي تي عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته باڪو ۾ ڪوپ 29 جو انعقاد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن دن??ا ۾ موسمياتي تبديلي سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.