اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ بيههِ جهڙي طر?? پاڪستان جي واکاڻ ڪئي آهي ان سان ڀارت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بري طر?? شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪ??ميابي ملي آهي، ڀارت پنهنجي ئي لڳ??يل نفرت جي باهه ۾ بري طر?? سڙي رهيو آهي. نجي ٽيلي ويزن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انتهاپسن??ي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چهري کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.