اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سٽ??ٽ بئنڪ ڪاروباري طبقي جي لاءِ مراعتن جو اعلان ڪيو آهي، مراعتن جو مقصد لاڪ ڊائون ۽ متاثرين جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ جي وچ ۾ توازن آهي، احساس هنگامي ڪيش پروگرام جو عمل جاري آهي، ڪاروباري طبقي جي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جهڙا مراعاتي پئڪيج آڻي رهيا آهيون، تعميرات ۽ زرعي شعبا پڻ کولڻ وڃي رهيا آهيون، ڪاروباري طبقي جي لاءِ مراعتن جي اعلان سان ڪاروبار کي فروغ ملندو، ??سٽ??ٽ بئنڪ جي قدمن سان بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سماجي رابطن جي ويب سا??يٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لاڪ ڊائون ذريعي عوام کي محفوظ بڻائڻ ۽ لاچار شهرين جي سا??سنڀال جي ڪم ۾ توازن جي حڪمت عملي تحت ??سٽ??ٽ بئنڪ اڄ ڪاروباري طبقي لاءِ مراعتن جو اعلان ڪيو آهي.