اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ت??ميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران ??ار?? بيان ?? ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل تازي م??اعتي پيڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوسنگ، ت??ميرات ۽ ترقي سان قومي رابطا ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس سندس صدارت ۾ 10 جولاءِ تي ٿيو، ان ڪميٽي جي قيام جو مقصد تعميراتي شبعي بابت قانونن کي آسان بڻائڻ ۽ قرضن جي فراهمي جي عمل ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.