اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر ??بل?? فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمر??ن خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر ??بل?? فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معامل?? تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خو??مختياري محدود ٿي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪشميرين جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي