اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پکيڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي گادي وا??ي شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌي??ن ڏنو وڃي. هو هتي وفاقي گادي وا??ي شهر اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار سي?? ذوالفقار عباس بخاري، خاص مددگار علي نواز اعواڻ، ايم اين اي راجا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هُئا.