پشاور– 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه بنارسي ٺڳن جو ٽولو افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر عوام جنهن 2018ع جي عام چونڊن ۾ ان ٽولي کي رد ڪيو هن ڀيري به انهي ٽولي کي ناڪامي ۽ نامرادي جي ور چاڙهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور پريس ڪلب ۾ ”ميٽ دي پريس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ??وج??ده سياسي ويڙهه ٻن قوتن جي جنگ آهي هڪ قوت اها جنهن 40 سال ملڪ جي اقتدار ک?? ذاتي جاگير طور استعمال ڪيو ۽ ان دوران ذاتي مفادن جي پڄاڻي ڪئي، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر اثاثن ۾ اضافو ۽ مال ۽ دولت ٺاهڻ لاءِ قومي ادارن کي تباهي جي ور چاڙهڻ کان به پاسو نه ڪيو، جڏهن ته ٻي طرف عمران خان ۽ ان جي ٽيم آهي جيڪ?? امانت ۽ ديانت جي تقاضائن جي پڄاڻي ڪندي ملڪ کي ڪرپٽ ٽولي جي تباهڪارين جي اثرن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ ان کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي.