اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ??هي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لاءِ چين جي تجربن مان فائ??و کڻنداسين. ??زي??اعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي چين جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ??زي??اعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائ??و کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش ??هي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي ??هي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. ??زي??اعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.