اسلام آباد – 09 ??پر??ل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قو??ي ۽ عا??مي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، اداري جي ??يا?? سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اداري جي ??يا?? سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ?? بهتري ايندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سينيٽ سروسز ايڪٽ تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سينيٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.