اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهرن ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن ايس او پيز تي عم??درآمد ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته روز مره جا معاملا متاثر ٿيندا، اسان آڪسيجن جي استعمال جي 90 سيڪڙو صلاحيت تي پهچي ويا آهن، لاهور سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، احتياط ڪيو، ??يو ڪو به چارو نه آهي.