اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن ??و اهم حصو آهي، اوورسيز پا??ست??نيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، اوورسيز پا??ست??نين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن قدم کڻي، وفاقي ڪابينا ڪورونا سان مقابلي لاءِ بوسنيا کي طب?? امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪابينا جو اجلاس پا??ست??ن جي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اجلاس هو.