برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، ف??ان?? ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي واري وزير ??يزاليل سوٽرچ جي ان بيان جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته غزه جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اسرائيل جي ناڻي واري وزير ??ي بيان کانپوءِ عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير ??ي عالمي ۽ بنيادي انساني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. ف??ان?? پڻ اسرائيل جي ناڻي واري وزير ??ي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ف??ان?? چيو ته غزه جي ماڻهن کي انساني امداد پهچائڻ عالمي انساني قانون تحت اسرائيل جي ذميواري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير ??ي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اهو بيان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي واري وزير ??ي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ماڻهن کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير ??ي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.