اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ پرڏيهي ميڊيا جي سهولت ۽ آسان پهچ کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سمورا ضروري قدم کڻندي، پاڪس??ان اسرندڙ ۽ منفرد ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، نه رڳو وسيع تر سياحتي موقعا پر ان جي شاندار روايتن، بنيادي قدرن، ميلن واري ثقافتي منظرنام?? کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.