اسلام آباد – 10 مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي ??وام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قياد?? جي پنهنجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پنهنجي گراهڪن کي ??سليون ۽ پنهنجي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي ??هارو ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پ??هنجي ذهني?? جي عڪاسي ڪندي ثابت ڪيو ته هو پنهنجي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪابينا جو ??صو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو آه??، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.