اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتا??ي آڻڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان ا??م اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪڻڪ ۽ اٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي قيمتن ۾ گهٽتا??ي آڻڻ جي حوالي سان ص??با??ي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح نه رڳو ڪڻڪ جي ضرورتن موجب وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ آهي پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضا??طي ۾ رکڻ آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ سندس اولين ترجيح غريب طبقي جو تحفظ آهي ته جيئن ا??هن تي اض??في بار نه پوي. وزيراعظم ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتا??ي آڻڻ جي حوالي سان ص??با??ي حڪومتن جي مشاورت سان ڪيل فيصلن تي ڳالهائيندي هدايت ڪئي ته انهن فيصلن تي جلد کان جلد عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.