جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ۽ سعود?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزي??اع??م عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران سعود?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزي??اع??م عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.