اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر ج??ويد باجوه سان آمريڪي ناظم الام??ر اينجيلا ايگلر ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر ج??ويد باجوه چيو ته افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عال??ي برادري جي فوري ڪوششن جي ضرورت آهي، ان موقعي اينجيلا ايگلر خطي ۾ قيام امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪوششن کي ساراهيو.