پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي ترقي لازمي آهي، بلوچستان مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي ترقي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، دانش اسڪولن کي بلوچستان ۾ ڊويزن جي سطح تي سگهه ڏيڻ جو عزم آهي، بلوچستان جا نوجوان اعليٰ تعليم يافته ٿيندا ته اهي صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي وزير ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون بلوچستان حڪومت ٺهڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪوئيٽا آيو آهيان، بلوچستان جي گورنر، وڏي وزير ۽ ڪابينا سميت عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو مون کي پورو يقين آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت صوبي جي عوام جي خدمت ڪندي ۽ بلوچستان جي اندر ترقي ۽ خوشحالي جو انقلاب ايندو، بلوچستان جو گورنر ڏاهو سياستدان آهي، اميد آهي ته هو آئيني ذميواري بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو، هن چيو ته بلوچستان اهم صوبو آهي هتي آباد بلوچ، پشتون آبادڪارن سميت پيار محبت ڪندڙ خوبصورت ماڻهو آهن، هي صوبو پاڪستان جو خوبصورت علائقو آهي، بدقسمتي سان ترقي جي ڊوڙ ۾ هي پٺتي رهجي ويو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي عوام سميت پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين ادارن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان هن چيو ته منهنجي قائد محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اتحادي حڪومت هڪ فيصلو ڪيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا نڪرندا، بجلي جي سبسڊي وارو باب ختم ڪري 28 هزار ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪيو ويندو. جيڪڏهن ٽيوب ويلز سولر تي هلندا ته سستي ترين بجلي زميندارن کي ملندي. بلوچستان جي وڏي وزير واعدو ڪيو آهي ته 28 هزار ٽيوب ويلز کي 3 مهينن ۾ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. وڏو وزير پاڻ سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي. ان منصوبي سان بجلي جي چوري جو خاتمو ٿيندو، منصوبي جي لاءِ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، ناڻي واري وفاقي وزير اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، صنعت واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، توانائي واري سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ خاص طور تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ٻين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته دل سان تمام گهڻي خوشي ٿي ته بلوچستان جي وڏي وزير منصوبي جو فالو اپ ڪيو. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ تيل تي هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز آهن جن تي ساليانو 3.5 ارب ڊالر خرچ اچي رهيو آهي، اسان کي گڏجي هڪ بزنس ماڊل تحت صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ايتري وڏي خرچ مان ڇوٽڪارو اختيار ڪرڻو پوندو. صوبن سان گڏ جلد هڪ ماڊل جوڙيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان قرض ۾ جڪڙيل آهيون، وفاق ۽ صوبا گڏجي عوام جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪندا ته اسان جي ايندڙ نسل اسان کي ياد رکندي ۽ جيڪڏهن هن موقعي کي ضايع ڪيو ته اسان جي ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندي. وزيراعظم چيو ته وفاق هن سال بلوچستان ۾ دانش اسڪولن جي لاءِ بجيٽ رکي آهي، باقي صوبن وٽ وڌيڪ وسيلا آهن جڏهن ته بلوچستان جو جاگرافيائي جي حوالي سان زمين تمام وڏو آهي، انهن فاصلن جي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي ۽ وفاق مان دانش اسڪولن جو منصوبو بلوچستان جي لاءِ رکيو آهي، وزيراعظم بلوچستان حڪومت کي صوبي جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته صوبي جي سمورن مسئلن جو حل گڏجي ويهي ڪڍنداسين. بلوچستان مان محرومي جي احساس کي ختم ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار اداڪ رڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. دانش اسڪولن کي بلوچستان ۾ ڊويزن جي سطح تائين سگهه ڏيڻ جو عزم آهي. هن چيو ته وفاق بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو، چين ۾ سرڪاري وظيفن تي زرعي شعبي جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ ويندڙ شاگردن ۾ بلوچستان جي 10 سيڪڙو وڌيڪ شاگردن جي ڪوٽا رکي آهي، چين ۾ هواوي تحت ٽي لک پاڪستاني نوجوانن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ تربيت ۾ پڻ بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي. بلوچستان جا نوجوان اعليٰ تعليم يافته هوندا ته اهي صوبي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ اسان جي مجبوري آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ آڻينداسين ته ان مسئلي مان نڪري سگهون ٿا، هن ئي مهيني آءِ ايم ايف جي پروگرام جي لاءِ اپروچ ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ڪرڻ مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي.مشڪل مان گذري ئي وڏيون وڏيون قومون ٺهيون آهن، جاپان، چين ۽ ٻين جا مثال اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته اهو دور ايندو جڏهن اسان ترقي جي راهه تي گامزن ٿينداسين، اسلام آباد ۾ عوام جي لاءِ به هڪ منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ عوام کي ريليف ڏينداسين. وفاق بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏ آهن، صوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ امن امان پهرين شرط آهي. هن چيو ته جڏهن آئون گذريل دور ۾ وزيراعظم هئس ته گوادر جا 7، 8 دورا ڪيا آهن هاڻي اسان جي حڪومت آئي ته خبر پئي ته اهو سيف سٽي وارو منصوبو بند ڪيو ويو. گوادر هڪ تمام وڏي بهترين ڪمرشل بندرگاهه بڻجندي. چين گوادر ۾ ايئرپورٽ، اسپتال منصوبا ڏنا. دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪي دشمن چين جي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن اهي بلوچستان، پاڪستان ۽ اسان سڀني جا دشمن آهن، انهن کي اسان سڀ ڄاڻون ٿا، اسان گڏجي ان ناسور کي ختم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ايندي ته ان جو فائدو سڀ کان اڳ بلوچستان کي ملندو، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ٻين ادارن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ٿي جيڪي مسئلا آهن اهي گڏجي حل ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس