اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ هنگري جي سفير بيلافيز يڪاس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? موجب پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون تي وڌيڪ اضافي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳاپن کي تم??م گهڻي اهميت ڏي ٿو.