ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ جي ??رضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ا??لس ويلز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پا??ستان جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي ??نافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي ??ڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل قرض نه فقط وياج جي گهٽ ش??ح تي آهي پر ڊگهي مد?? وارو به آهي، سي پيڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي ??ڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پا??ستان جي ??فادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ا??لس ويلز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.