اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب رواني ٿي وئي آهي، هو جده ۾ او آءِ ??ي قائم ٿيڻ جي گولڊن جو??لي تقريبن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. اطلاعات واري خصوصي معاون او آءِ سي جي سيڪريٽري جن??ل ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي دعوت تي گولڊن جو??لي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي. باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي ۾ سدائين فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.