اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بيمار قيدي محمد نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ برطانوي حڪومت کي خط لکڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ، نئين دهلي ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ تشدد، عبادتگاهن جي بي حرمتي تي ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪرڻ سميت 10 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ??مران خ??ن جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم ??مران خ??ن جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ??مران خ??ن اسڪولن ۾ ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ جي روش جو سخت ??وٽيس ورتو.