اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر استعيفائن جو ڪارڊ وقت کان اڳ کيڏي پنهنجو پاڻ کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پ??پل??پارٽي ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو اقتدار نه ڇڏيندي، مولانا فضل الرحمان گذريل ڀيري جي دوکي جو انتقام وٺڻ جي لاءِ بي تاب آهي، سياسي اداڪا?? نواز ??ريف اڳوڻي وزيراعظم جوڻيجو جي پٺيءَ ۾ ڇڙو هنيو، غلام اسحاق خان سان گڏجي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي، آءِ جي آءِ جي پليٽ فارم تان نواز ??ريف بينظير ڀٽو کي مختلف لقبن سان نوازيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.