اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي سمورن علائقن ??ي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن گلگت بلتستان ۾ ٺهندڙ نئين ح??وم?? کي مبارڪباد ڏني ۽ علائقي جي ترقي ۾ فعال ڪردا?? ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته گلگت بلتستان انتهائي خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گلگت ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ منصوبي تي غور ڪري رهيو آهي جنهن جو ڊرافٽ گلگت بلتستان ح??وم?? سان شيئر ڪيو ويندو.