سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻ??ن کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ گهر ٺاهڻ جو نه سوچيو، وزيراعظم جوڻيجو جي دور ۾ منصوبو ٺاهيو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻ??ن کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻ??ن کي گهر جي تعمير لاءِ رقم دستاب ٿي سگهي، پهرين بئنڪون عام ماڻ??ن کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قانوني رڪاوٽ هئي جن??ن کي اسان ختم ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪن کي ان منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته هاڻي بئنڪن جي عملي کي تربيت ڏني پئي وڃي ته ڪهڙي طرح هو غريب م??ڻه?? کي سهولت فراهم ڪن، حڪومت گهر جي تعمير تي ٽي لک سبسڊي به ڏئي رهي ??هي ۽ ان سان گهرن جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام م??ڻه?? جيڪو رقم پنهنجي گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو ??هي اها ئي رقم بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ادا ڪري پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جهانگير ترين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ميمبرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ميمبرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ??هي پر سوا سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 26 روپين جو اضافو ٿيو جنهن سان عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ملز مالڪن جي جيب ۾ هليا ويا، وزيراعظم چيو ته حڪومت جو عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي اهي عوام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، ا??ڊر ڊڪليئر ڪندا آهن.