اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي فنڊز جي جاچ پڙتال ??اء?? درخواستن جو جلد فيصلو ڪرڻ جي ??اء?? درخواست داخل ڪئي آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جو اجلاس به نه ٿيو ۽ نه ئي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي پارٽي فنڊنگ جاچ پڙتال جي ??اء?? طلب ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي آخري ٻڌڻي تي جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو ان ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا جمع ڪرايل اڪائونٽس جعلي آهن، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ان جو احترام ??ري??ن ٿا پر اليڪشن ڪميشن کي ايڪٽ آف پارليامينٽ موجب چونڊون ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن و?? اڪائونٽس جي جاچ پڙتال جو ڪيس هلي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي ٺاهي جنهن جا بي شمار اجلاس ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مطالبو آهي ته مخالف ڌر سان ٿيندڙ معاهدو ميڊيا سان به شيئر ڪري ڇو ته مخالف ڌر معاهدي ڪري ڦري ويندي آهي. هو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.