اسلام آبا?? – 03 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته زراعت ملڪي معيشت جو وڏو شعبو آهي، ڪوريا پاران ان شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ تجربي جي مٽاسٽا سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورتي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ننڍن آبادگارن جي مجموعي آمدني ۾ بهتري ايندي. اها ڳالهه هن ڪوريا جي نائب وزير هورتائي وونگ جي سربراهي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي رورل ڊيولپمينٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن شعبي (ڊي آر ڊي اي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪدني وز??را??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده گهڻ رخن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. وز??را??ظم فصلن جي لاءِ مخصوص زرعي ٽيڪنالاجي جي ترقي، محقيقن ۽ آبادگارن جي ص??اح??ت ۽ تربيت جي فراهمي ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي جي حمايت ۾ ڊي آر ڊي اي جي ڪردار کي ساراهيو. وز??را??ظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تمام گهڻين ص??اح??تن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ڏکڻ ڪوريا جي نائب وزير پ??ڪس??ان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي ساراهيو ۽ پ??ڪس??ان جي زرعي شعبي ۽ رورل ترقي ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران مسلسل تعاون جي عزم کي ورجايو.