??سل??م آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري، گذريل رات کان ??سلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جون ننڊون اڏامي ويون آهن، ڪامياب جوان ??روگرام ملڪي معاشي ترقي ۽ روزگار جي فروغ جو سڀ کان ??ڏو پروگرام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ??ان سزا يافته نواز شريف جون اپيلون هتي رد ٿيون ۽ سزا بحال ٿي آهي، مدي خارج پاسپورٽ سان گڏ هو برطانيه ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، ملڪي دولت لُٽي ٻاهرين ملڪ محل بڻايا ويا، پاڪستان ??ان ??ُٽيل دولت مان ايون فيلڊ ۾ محلات ٺاهيا ويا، هاڻي هن ملڪ جي اميگريشن به ان کي لال جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته توهان جو داڻو پاڻي هتي ختم ٿي ويو آهي، گهڻيون ئي ڪافيون پيتون، پيزا کاڌا، هائيڊپارڪس جو سير ڪري ورتو، پولو ميچز ڏسي ورتيون، هن چيو ته نواز شريف کي پاڪستاني عدالتن ڪرپشن تي سزا ڏني آهي ۽ ٻين کي ڪوڙو هجڻ جو طعنو ڏيندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پي ايم ايل اين ته ڪوڙ ڳالهائڻ جا ??رلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، چاهي اهو قطري خط ج?? ڳالهه هجي، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ کان ??ٺي ڪليبري فونٽ تائين ڪجهه به هجي انهن جي عادت بڻيل آهي، پليٽيليٽس جي جيڪا ڪهاڻي هتي هلي هئي اها به ختم ٿي وئي، ڊاڪٽر عدنان به واپس اچي ويو پر نواز شريف واپس نه آيو، هاڻي نواز شريف وٽ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته هو واپس اچي، پنهنجي ضد کي ڇڏي ۽ پاڪستان اچي پنهنجي سزائن کي پورو ڪري، لُٽيل دولت واپس ڪري، وزيراعظم عمران خان ??لڪ ۾ معاشي بحالي ۽ پاڪستان ۾ روزگار جا ??وقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن کنيا ته جيئن ملڪ ۾ معاشي ترقي ٿئي، ان حوالي سان حڪومت ڪامياب جوان ??روگرام شروع ڪيو هو، ان ??روگرام جي ذريعي آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي شفاف طريقي سان آسان ??رض فراهم ڪيا ويا، ان ??وقعي تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي ڪامياب جوان ??روگرام ۾ شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم جاري آهن ۽ ان ڏس ۾ ميڪنزم تيار ڪيو پيو وڃي، ڪامياب جوان ??روگرام جي شرطن تي پورو لهندڙ صحافين کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. ان ??وقعي تي ڪامياب جوان ??روگرام جي ڊيش بورڊ جاري ڪيو ويو.