اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن م??اقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان م??اقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد جمالي، صداقت علي عباسي ?? پنجاب جو توانائي وارو وزير ڊاڪٽر اختر مل?? شامل هئا. خاص معاون م??ڪ عامر ڊ??گر، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مير خان محمد جمالي وزيراعظم کي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر مل?? وزيراعظم کي صوبي ۾ توانائي جي مسئلن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.