اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع اهو يادگار ڏينهن آهي جڏهن پاڪ فضائيه ??ي شاهينن پنهنجي مهارت ۽ جانبازي جي ڪري پاڪستان جي فضائي حدن جو ڀرپور دفاع ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪ فضائيه ??ي شاهين ايم ايم عالم هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ ڀارت جا 5 جنگي جهاز ڪيرايا. هن چيو ته پوري قوم کي ??نهنجي پاڪ فضائيه ??ي شاهينن تي فخر ??هي.