اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي رهي آهي، ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي، بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊه سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪيو. افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ تي ردعمل ڏيڻ وقت کان اڳ ٿي??دو، اسان کي ڪجهه انتظار ڪرڻ گهرجي، هن وقت ان تي ڳالهه ڪرڻ ??ناسب نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سي آءِ اي جو سربراهه ڪابل ۾ هو، ميڊيا جي رپورٽن مان ئي خبر پئي ته ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس جا سربراهه به ڪابل ۾ موجود هئا. جيڪڏهن اسان پنهنجو پرڏيهي وزير ڪابل موڪليون ها ته اتي ا??ي ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟ اتي ڪو پرڏيهي وزير موجود نه آهي. هن چيو ته باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ هڪ اهڙي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. ڪابل ۾ باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ انٽيليجنس ادا??ا اهڙو فريم ورڪ جوڙيندا آهن. هڪ سوال تي ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي افغانستان سان سنگين مسئلا درپيش رهيا آهن جن ۾ داعش جي سگهه، پناهگيرن جي مسئلن ۽ ٽي ٽي پي جي افغانستان مان مائيگريشن شامل آهي. هن چيو ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي رهي آهي، پاڪستان طالبان جي آمريڪا سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي. افغانستان ۾ غيرملڪي شهرين کي انخلا ۾ پاڪستان مدد فراهم ڪئي، اسان افغانستان ۾ ڦاٿل هزارين ماڻهن کي ڪڍيو، افغانستان مان غيرملڪي شهرين جي انخلا جي ا??ان جي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2007ع ۽ 2011ع ?? اسان جيڪو چئي رهيا هئاسين اهو صحيح ثابت ٿي??. جيڪڏهن ان وقت اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. افغان جنگ ۾ اسان کي 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو، اسان جو 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿي??. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي. ڀارتي ميڊيا جي سمورن ٽاڪ شوز ۾ اها ڪهاڻي ٺاهي وئي، ان مان خبر پوي ٿي ته ڀارت ۾ مارڪيٽنگ ايجنسيُون ڪهڙي نموني ڪم ڪن ٿي??ن. هن چيو ته بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊائن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو.