اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يه?? و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ??يڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ ??يار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻ?? کان بچايو وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? و??ير چيو ته پاڪستان اسان جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، پاڪستان سان دفاعي ۽ ا??تصادي سميت تمام شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفد جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پر??يه?? وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پر??يه?? و??ير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون وفد سطح تي ڳالهيون لاڀائتيون رهيون آهن. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ قطر خاص ڪري پر??يه?? و??ير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. افغانستان جي حوالي سان اسان جي نڪته نظر ۾ هڪجهڙائي آهي، مون قطري پر??يه?? و??ير کي 20 کان وڌيڪ پر??يه?? وزيرن سان ٿيل رابطن ۽ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغان شهرين کي تحفظ ۽ معاونت جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان امن مخالف ڌُرين تي ڪڙي نظر رکنداسين، اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جو ازالو پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. پر??يه?? و??ير چيو ته اسان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پاڪستان اڳ ۾ ئي امدادي شيون ڪابل موڪلي چڪو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ زميني رستن ذريعي وڌيڪ امداد ڪابل موڪلي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ??يڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ ??يار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻ?? کان بچايو وڃي ۽ ا??هن جا اثاثا رليز ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جاگرافيائي لحاظ کان هڪٻئي جي ويجهو هئڻ جي ناتي فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهون ٿا. مون کي اهو ٻُڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته قطر سماجي ۽ ا??تصادي شعبي ۾ وڌيڪ پاڪستانين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون قطري پر??يه?? و??ير کي گذارش ڪئي آهي ته قطر ويندڙ پاڪستاني جن جي ويڪسين ٿي چڪي آهي انهن کي گهرن ۾ قرنطينه جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم چيو ته قطر ۽ پاڪستان وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. پاڪستان اسان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي، اسان پاڪستان سان دفاعي ۽ ا??تصادي سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن به انساني المي?? کان بچڻ لاءِ ??سان کي افغان عوام جي مدد لاءِ ??ڳتي وڌڻو پوندو.