اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ افغان سهڪار ??ورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان طرفان 300 ٽن کادي پيتي جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ ??فغانستان روانو ڪري ڇڏيا. پاڪ افغان سهڪار ??ورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ پاڪ افغان بارڊر ط??رخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته افغان اسان جو مسلمان ڀاءُ ۽ پاريسي آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب انساني بحران جو سامهون آهي پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سبب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ته پاڪ افغان سهڪار ??ورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪ?? ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اسان جو مقصد نه صرف افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کادي جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.