اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جون درخ??اس??ون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا ق??ض فراهم ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخ??اس??ون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخ??اس??ون ق??ضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخ??اس??ن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چيو ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخ??اس??ن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.