اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن ??ائين پهچندڙ پوليو ورڪرز قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز جي لاءِ انعام ڏيڻ جو پلان ??وڙيو وڃي، اسان ??ڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ??رڻو آهي، ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کي نظر ۾ رکندي ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي روڪٿام جي مهم جي حوالي سان ??ائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو قومي صحت وارو خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ اعليٰ عهديدار شريڪ هئا. جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان ??ا چيف سيڪريٽريز ۽ 30 کان وڌيڪ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي ادارن حڪومت پاڪستان ??ي ڪورونا ۽ پوليو کان ??چاءُ لاءِ موثر قدمن کي ساراهيو آهي. خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن، بلوچستان ??ي ضلعي ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ۽ پشين ۽ سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گدلي پاڻي جي ذريعي پوليو جي پکيڙ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز جيڪي ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن ??ائين پهتا آهن قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ هو خصوصي تعريف جا مستحق آهن، هن هدايت ڪئي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز لاءِ انعام ڏيڻ جو پرو??را?? جوڙيو وڃي. چيف سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو جي خاتمي جي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، وزيراعظم چيو ته گهٽ منتقلي وارا سيزن پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ موزون ترين وقت آهي ۽ اسان ??ڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ??رڻو آهي، ضلعي انتظاميه پوليو ورڪرز کي هراسان ڪرڻ يا انهن جي ح??لن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي ذميداري وٺي، ٻارن کي ڪيترن ئي مرضن کان ??چاءُ لاءِ ٽڪن جي عمومي مهم ۽ پوليو جي خاتمي جي مهم کي گڏوگڏ هلايو وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي پيش نظر ڪورونا جي خلاف ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ وڌايو وڃي.