ملتان – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته او آءِ سي جي ڪامياب اجلاس جي انعقاد تي سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي ساراهيو پيو وڃي، پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪائنسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??، گذريل حڪومتي دور ۾ پرڏيهي و??ير جي مقرري نه ڪري پاڪستان کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آه??، وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ ملڪ جو وقار بلند ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه جي اهتمام هيٺ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان جي شروع کان خواهش آه?? ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ افغانستان ۾ ترقي ٿئي ڇو ته افغانستان ۾ خوشحالي ايندي ته خطي ۾ به امن ٿيندو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ سڀ کان اهم مسئلو افغانستان جي 38 ملين عوام کي بک ۽ غربت کان بچائڻ آه?? ۽ پاڪستان ان مسئلي تي اڳرائي ڪري و??تي ۽ افغانستان جي مسئلي تي دنيا کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته رب العزت وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو آه?? ۽ آئون ان تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته آئون اين اي 156 جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن جو چونڊيل نمائندو سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو ڀرپور ڪيس وڙهي رهيو آه?? ۽ آئون اها خاطري ڪرايان ٿو ته پنهنجي ووٽرن ۽ قوم کي مايوس نه ڪندس، اسان سچي نيت سان ملڪي ترقي ۽ پاڪستان جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون. معاشي سفارتڪاري تي به ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آه??ون. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي امنگن موجب پرڏيهي پاليسي جوڙي آه?? جنهن ۾ سڀني ملڪن سان برابري جي سطح تي رابطن کي قائم ڪرڻ آه??. هن چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ پرعزم آه??. ان کان پوءِ پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ اڳواڻ ملڪ طارق ڀٽه، ملڪ عثمان ڀٽه ۽ ٻين ساٿين سان گڏ او آءِ سي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي ڪيڪ ڪٽيو، ان کان اڳ هن ملتان ۾ مملڪتي و??ير ملڪ عامر ڊوگر، بئريسٽر عثمان ڊوگر، ملڪ عدنان ڊوگر جي و??لده مرحومه جي رسم قل خواني ۾ شرڪت ڪئي.